Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا.


تڏهن بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون ڍالون ٺهرايون ۽ جيڪي سپاهي سندس شاهي محل تي پهرو ڏيندا هئا تن جي سالارن کي اهي ڏيئي ڇڏيائين.


ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ


”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو.


اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


اي لموئيل! اهو بادشاهن جي شان وٽان ناهي تہ اهي شراب پيئن. هائو، نشي‌بازي حڪمرانن کي نہ ٿي جڳائي.


اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.


اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ