Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.


انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“


هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.


ٻارهين مهيني ادار جي تيرهين تاريخ تي پهرئين شاهي فرمان تي عمل ٿيڻو هو. ان ڏينهن تي يهودين جي دشمنن کي اميد هئي تہ هو کين ماري مڃائيندا، پر معاملو انهيءَ جي ابتڙ ٿي پيو ۽ يهودي پنهنجن مخالفن تي غالب اچي ويا.


اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.


يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي تلوار جي ڌار سان ماري مات ڪري ڇڏيو ۽ ساڻن نفرت رکندڙن سان جيئن کين وڻيو تيئن ئي ڪيائون.


منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن بنا ڪنهن خوشي ڏسڻ جي نهايت تيزيءَ سان گذرندا ٿا وڃن. هائو، اهي بلڪل اڏامندا ٿا وڃن.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.


انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


ڪاهنن جي شهر نوب جي رهاڪن کي مردن توڙي عورتن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي سندن ڍورن ڍڳن سميت سائول تلوار جي ڌار سان قتل ڪرائي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ