آستر 3:12 - Muslim Sindhi Bible12 پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ هو بادشاهہ جي حضور ۾ آيا ۽ سندس لکيل حڪم بابت کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! ڇا اوهان اهڙي حڪم تي صحيح نہ ڪئي آهي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو؟“ بادشاهہ جواب ڏيندي چيو تہ ”اها ڳالهہ سچي آهي. هي مادئين ۽ فارسين جي قاعدي مطابق آهي، جيڪو بلڪل قائم وَ دائم آهي.“