Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي آڱر مان مُهر واري منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ کي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.


ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.


هامان کي شهنشاهہ چيو تہ ”اها چاندي ۽ اها قوم تنهنجي حوالي آهي، جيئن تو کي وڻي تيئن تون انهن سان ورتاءُ ڪر.“


جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“


آستر وراڻيو تہ ”اُهو دشمن ۽ ويري هي بڇڙو هامان آهي.“ تڏهن هامان شهنشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڏاڍو دهلجي ويو.


تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.


تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ