Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مردڪئيءَ کي هدساہ نالي هڪ سئوٽ هئي، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، ڇو تہ هن کي ماءُ پيءُ ڪونہ هئا. اها ڇوڪري، جنهن کي آستر پڻ سڏيو ويندو هو سا منهن مهانڊي ۾ ڏاڍي سهڻي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ افرائيم ۽ منسي جيڪي مصر جي ملڪ ۾ منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ تو کي ڄاوا، سي منهنجا آهن. اهي روبن ۽ شمعون وانگر منهنجا آهن.


”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.


جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.


آستر اڃا تائين پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي يهودي قوم ظاهر نہ ڪئي هئي، ڇوجو مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي. هوءَ اڃا تائين ائين ئي مردڪئيءَ جي چوڻ تي عمل ڪندي رهي جيئن هوءَ پنهنجي پالنا دوران ڪندي هئي.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي يهودين جي دشمن هامان جي سڄي ملڪيت ڏيئي ڇڏي. راڻي آستر شهنشاهہ کي اهو پڻ ٻڌايو تہ مردڪئي سندس مائٽ آهي. سو مردڪئيءَ کي شهنشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.


پنهنجو ٽُڪر مون اڪيلو پاڻ ڪين کاڌو آهي، جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ ڪو يتيم بک تي آهي.


جڏهن تہ پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مون يتيمن کي هڪ پيءُ وانگر پالي وڏو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي ڄائي‌ڄم کان وٺي رنن‌زالن جي رهبري ڪندو رهيو آهيان.


آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ