Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جن ڏينهن ۾ مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ مقرر هو تن ڏينهن ۾ شاهي آرام‌گاهہ جا ٻہ خواجہ‌سرا محافظ بگتان ۽ ترش شهنشاهہ تي اچي ڪاوڙيا ۽ کيس قتل ڪرڻ جي سازش رٿيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود ابي‌شيءَ ۽ پنهنجي سڀني عملدارن کي چيو تہ ”ڏسو، منهنجو پنهنجو پٽ جيڪو منهنجو ئي تخم آهي، سو ئي مون کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، تڏهن پوءِ هي بنياميني انهيءَ کان وڌيڪ ڇا نہ ٿو ڪري سگھي؟ ڇڏي ڏيوس، تہ ڀلي پيو لعنت وجھي، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


تڏهن هن جو سالار جنهن جو نالو زمري هو ۽ جيڪو جنگي گھوڙي گاڏين مان اڌ حصي جو نگران هو، تنهن هن خلاف بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن ترضہ ۾ ايلہ پنهنجي محل جي نگران ارضہ جي گھر ۾ گھڻي پيئڻ ڪري نشي ۾ ٻڏو پيو هو.


يوآس جي عملدارن سندس خلاف سازش ڪئي ۽ کيس مِلو واري محل ۾ قتل ڪيائون، جيڪو سِلہ شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي لاهيءَ ۾ آهي.


امُون جي عملدارن هن جي خلاف سازش ڪري کيس سندس ئي محل ۾ قتل ڪري ڇڏيو.


اخسويرس جي شهنشاهيءَ جي شروع ۾ ئي مخالفن يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي.


جڏهن ٻيون ڪنواريون ڇوڪريون آنديون ويون، تڏهن مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر هو.


انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو.


انهيءَ ۾ اهو لکيل مليو تہ شهنشاهہ جا ٻہ خواجہ‌سرا محافظ بگتان ۽ ترش جيڪي شاهي آرام‌گاهہ تي پهرو ڏيندا هئا تن شهنشاهہ کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي، پر مردڪئيءَ انهن جي سازش کي بي‌نقاب ڪيو هو.


تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي،


تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ