Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ شهنشاهہ پنهنجي سڀني اميرن ۽ عملدارن جي هڪڙي وڏي دعوت ڪئي، يعني آستر جي راڻي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ دعوت. هن سڀني صوبن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ۽ شاهي شان وَ شوڪت موجب ماڻهن ۾ تحفا ورهايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ بادشاهہ پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي هڪڙي وڏي مهماني ڪئي، يعني آستر جي مهماني؛ ۽ پرڳڻن کي ڍل جي معافي ڏنائين ۽ پنهنجي سخاوت موجب انعام ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن شاديءَ جو ڪاڄ ڪيو ۽ اتي جي سڀني ماڻهن کي ڪانڍيائين.


لاوين سڀني ماڻهن کي روئڻ کان جھليندي کين چيو تہ ”ماٺ ڪريو، ڇو تہ اڄوڪو ڏينهن مخصوص آهي. اوهين غمگين نہ ٿيو.“


جن سونن پيالن ۾ مئي ورهائي پئي ويئي، سي هڪٻئي کان مختلف شڪلين جا هئا. شاهي مئي شهنشاهہ جي سخاوت جي ڪري بي‌انداز هئي


انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.


هائو، اي صيئون جون عورتون! سليمان بادشاهہ کي ڏسو. انهيءَ جي مٿي تي هڪ تاج آهي، جيڪو سندس شاديءَ جي ڏينهن، يعني دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، سندس ماءُ کيس پارايو هو.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


هن چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.


نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي.


”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


تون انهن کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. تنهنڪري منهنجا هي نوڪر تو وٽ مان لهن، ڇو تہ اسين سٺن ڏينهن ۾ تو وٽ آيا آهيون. سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ تو وٽ ٿي سگھي سو پنهنجي ٻانهن ۽ مون پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ