آستر 2:16 - Muslim Sindhi Bible16 نيٺ آستر کي شاهي محل ۾، شهنشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ شهنشاهہ وٽ آندو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہسرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.