آستر 2:15 - Muslim Sindhi Bible15 جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہسرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.