Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هوءَ شام جو شهنشاهہ وٽ ويندي هئي ۽ صبح جو اُتان موٽي ٻئي حرم خاني ۾ ويندي هئي جتان جو ناظم شعشجز خواجہ‌سرا هوندو هو. هو شهنشاهہ جي سريتن جو نگران هو. اُها ڇوڪري وري ٻيهر شهنشاهہ وٽ موٽي نہ ويندي هئي، ايستائين جو شهنشاهہ انهيءَ مان پاڻ خوش هجي ۽ سندس نالو وٺي کيس ٻيهر نہ سڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 شام جو هوءَ ويندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻئي زنانخاني ۾ موٽي اچي شعشجز جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جو بادشاهہ جو ناظر هو، ۽ سريتن جي نگهباني ڪندو هو: هوءَ وري ٻيو ڀيرو بادشاهہ وٽ نہ ايندي هئي، سواءِ ان جي تہ اُها بادشاهہ کي پسند اچي، ۽ اُهو نالي سان کيس وري گهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي، ڇو تہ يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئس. هو پنهنجي پيءُ جي گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.


هوءَ شهنشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي جو حرم خاني کان شاهي محل تائين وڃڻ لاءِ هوءَ جيڪا بہ هار سينگار جي شيءِ گھرندي هئي سا کيس ڏني ويندي هئي. پوءِ هوءَ حرم خاني کان شهنشاهہ جي ڪمري ۾ ويندي هئي.


جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.


”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


اي خورس! مون تو کي پنهنجي چونڊيل ٻانهن، بني اسرائيل وارن جي مدد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. مون تو کي وڏي عزت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.


پوءِ جيڪڏهن هو انهيءَ مان خوش نہ ٿئي تہ کيس ڇڏي ڏئي تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هلي وڃي. پر هو کيس پئسن تي هرگز نہ وڪڻي، نڪي ساڻس ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪري، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڪڏهن سندس ننگ هئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ