آستر 2:10 - Muslim Sindhi Bible10 آستر پنهنجي يهودي قوميت ۽ خاندان کي ظاهر نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 آستر پنهنجي قوم، ۽ پنهنجي مٽي مائٽي ظاهر نہ ڪئي هئي: ڇالاءِ جو مردڪئيءَ تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس تہ اُها ظاهر نہ ڪج. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.