آستر 1:22 - Muslim Sindhi Bible22 هن پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن هر قوم جي رسمالخط ۽ سندن ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ هر ڪو مرد پنهنجي پنهنجي گھر جو حاڪم آهي ۽ ان تي پنهنجو اختيار هلائي سگھي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.