Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان کي سٺو لڳي تہ هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪندي فارسين ۽ مادئين جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو لکيو وڃي تہ جيئن ان کي وري نہ بدلائي سگھجي تہ ’راڻي وشتي وري ڪڏهن بہ شهنشاهہ اخسويرس جي سامهون نہ ايندي.‘ اوهين انهيءَ جو راڻيءَ وارو درجو پڻ ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏيو جيڪا کانئس بهتر هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.


سو اڄ فارس ۽ مادئي ملڪن جي جن اميرن جي زالن راڻيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي، سي اوهان جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري زالن ۾ گھڻي حقارت ۽ مڙسن ۾ ڪاوڙ شروع ٿي ويندي.


اها ڳالهہ شهنشاهہ ۽ سندس اميرن کي پسند آئي. سو شهنشاهہ ائين ئي ڪيو جيئن مموڪان کيس تجويز ڏني هئي.


ڪجھہ عرصي کان پوءِ جڏهن شهنشاهہ اخسويرس جي ڪاوڙ جھڪي ٿي، تڏهن راڻي وشتي ۽ سندس عمل متعلق جيڪو فرمان جاري ڪيو هئائين سو کيس ياد پيو.


جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“


هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.


تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“


پوءِ هڪڙو پٿر آڻي ڏر جي منهن تي رکيو ويو، جنهن تي بادشاهہ ۽ سندس اميرن پنهنجي پنهنجي مُهر هنئي، انهيءَ لاءِ تہ دانيال کي ڪوبہ ڇڏائي نہ سگھي.


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ