Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيئن تہ راڻي وشتيءَ جي انهيءَ ڳالهہ جي سڀني عورتن کي خبر پئجي ويندي، سو اهي بہ پنهنجن مڙسن کي حقير ڄاڻينديون ۽ چونديون تہ ’شهنشاهہ اخسويرس بہ تہ پنهنجي راڻي وشتيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ جو حڪم ڏنو هو، اُها بہ تہ وٽس ڪونہ آئي هئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو راڻيءَ جي انهي ڪم جي خبر سڀني زالن کي پوندي، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جا مڙس سندن نظر ۾ حقارت جهڙا ٿيندا، ۽ انهيءَ وقت ائين چوڻ ۾ ايندو تہ جڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻيءَ وشتيءَ کي حڪم ڏنو تہ سندس اڳيان اچي، تڏهن هوءَ نہ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:17
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


اخسويرس جي شهنشاهيءَ جي شروع ۾ ئي مخالفن يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي.


تڏهن شهنشاهہ ۽ سندس اميرن جي آڏو مموڪان وراڻيو تہ ”راڻي وشتيءَ نہ رڳو اوهان جي حڪم جي نافرماني ڪئي آهي بلڪ انهن سڀني اميرن ۽ عام ماڻهن جو بہ قصور ڪيو اٿس، جيڪي توهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ رهن ٿا.


سو اڄ فارس ۽ مادئي ملڪن جي جن اميرن جي زالن راڻيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي، سي اوهان جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري زالن ۾ گھڻي حقارت ۽ مڙسن ۾ ڪاوڙ شروع ٿي ويندي.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ