Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:18
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! هاڻي منهنجي ۽ پنهنجي هن بني اسرائيل قوم جي اها دعا قبول ڪر تہ جيئن آئيندہ جڏهن بہ هو تو کي پڪارين تڏهن تون انهن جي ٻڌين.


جڏهن سليمان هيءَ سڄي دعا ۽ منٿ خداوند جي حضور ۾ ڪري بس ڪئي تڏهن هو خداوند جي قربان‌گاهہ جي اڳيان اُٿي بيٺو، جتي هو گوڏا کوڙيو آسمان ڏانهن هٿ کنيو ويٺو هو.


منهنجيون هي سڀ ڳالهيون جيڪي مون هاڻي خداوند جي آڏو عرض ڪيون آهن سي شال خداوند اسان جي خدا وٽ هميشہ لاءِ قبول پون. شال هو هر وقت ڏکيءَ مهل مون پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مدد ڪري،


خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.


بلڪ مردڪئيءَ کيس ان لکيل حڪم جو نقل بہ ڏنو جيڪو يهودين جي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن شهر مان پڌرو ڪيو ويو هو. هن کيس چيو تہ هو اهو راڻي آستر کي ڏيکاري ۽ حال احوال بيان ڪري ٻڌائيس ۽ کيس تاڪيد ڪري تہ هوءَ شهنشاهہ وٽ وڃي پنهنجيءَ قوم جي پاران کيس منٿون ڪري.


پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟


اي مون سان عدل ڪرڻ وارا منهنجا خدا! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجو عرض اگھاءِ، تون ئي مشڪل گھڙين مان مون کي ڇڏائيندو رهيو آهين. سو هاڻي بہ مون تي پنهنجو ڪرم ڪر، ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ.


خداوند منهنجو فرياد ٻڌي ورتو آهي. هائو، خداوند منهنجي دعا کي قبول فرمايو آهي.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.


هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيت‌ايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“


سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.


پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“


نوگہ پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيخ جو ۽ يوسيخ پٽ يوداہ جو،


لمڪ پٽ متوسلح جو، متوسلح پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مهلل‌ايل جو ۽ مهلل‌ايل پٽ قينان جو،


اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.


هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.


جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“


اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو.


ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


جيئن تہ اوهين خدا جا ٻار آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اوهان جي دلين ۾ بہ موڪليو آهي. اهو پاڪ روح ”بابا، اي بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


آءٌ پنهنجي دعائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان.


مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي.


هائو، منهنجي دعا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت ايڏي تہ جھجھي آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان،


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏهن هميشہ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.


شڪرانن جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين عيسيٰ مسيح تي ايمان رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن.


جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون خداوند عيسيٰ تي ايمان رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو.


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.


حنہ جڏهن خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي پئي رهي، تڏهن عيليءَ سندس چپن ڏانهن غور سان ويٺي ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ