Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهنڪري سچ جو سندرو ٻَڌي، ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو زرهہ ڍڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوڏانهن جڏهن سڀني موآبين ٻڌو تہ ٽي بادشاهہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا آهن، تڏهن ٻڍا توڙي جوان جيڪي هٿيار کڻي ٿي سگھيا، تن سڀني کي گڏ ڪيو ويو ۽ کين سرحد تي بيهاريو ويو.


سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.


هو ماڻهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان حڪمراني ڪندو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو.


رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون.


سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.


تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو.


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي ايمان ۽ محبت جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي ڇوٽڪاري جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.


انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ