Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:33 - Muslim Sindhi Bible

33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:33
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ ”شل منهنجو آقا بادشاهہ دائود سدائين سلامت رهي!“


پوءِ جڏهن اوهان جي سڄي وسيع شهنشاهت ۾ انهيءَ فرمان جو اعلان ڪيو ويندو، تڏهن عام توڙي خاص سڀ عورتون پنهنجن مڙسن جي عزت ڪنديون رهنديون.“


جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،


ساڳيءَ طرح اي مڙ‌سؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


اهو هڪڙو وڏو راز آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آهي.


اي مڙ‌سؤ! پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.


ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ