Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ڇاڪاڻ تہ اها سندس شرير آهي ۽ اسين انهيءَ شرير جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:30
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.


جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي جسم کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو،


اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ