Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۾ ايشور پتا جو شڪر ادا ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:20
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“


آءٌ خداوند کي هر دم سڳورو چوندو رهندس. منهنجي زبان هر وقت سندس واکاڻ پيئي ڪندي.


آءٌ خداوند جي ابدي شفقت جو ذڪر ڪندس، آءٌ سندس انهن بي‌شمار نعمتن لاءِ سندس واکاڻ ڪندس، جيڪي هن اسان کي عطا ڪيون آهن، ۽ انهيءَ وڏي ڀلائيءَ لاءِ بہ، جيڪا هن پنهنجي رحمتن ۽ ابدي شفقتن موجب بني اسرائيل جي ماڻهن کي ڏيکاري آهي.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي‌عزتي ٿي.


سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنهنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جون ڳالهيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رهيون آهن.


خدا جيڪو فضل عيسيٰ مسيح ۾ اوهان کي عطا ڪيو آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي خدا جو شڪر ڪندو رهان ٿو،


انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بي‌شرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.


جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي خدا جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريون!


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي ايمان ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ