Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:17
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ ۾ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي انگورن جي چيچڙن کي هلائيندي ۽ اناج جي ول گڏهن تي آڻيندي ڏٺو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مئي، انگور، انجير ۽ ٻيو هر طرح جو سامان سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون. تنهنڪري مون کين اُن ڏينهن تي وڪرو ڪرڻ کان تنبيهہ ڪئي.


اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! خداوند اوهان کي مصر ڏانهن وڃڻ جي منع فرمائي آهي. ياد رکو، اڄ مون اوهان کي آگاهہ ڪري ڇڏيو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان هم‌بستر ٿيو هجي ۽ انزال ڪيو هجائين تہ ٻيئي وهنجن. ان هوندي بہ ٻئي شام تائين ناپاڪ رهندا.


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت تبليغ ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي جسم وارو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو فاني آهي سو بقا وارين شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.


ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها.


آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري.


اهڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو خدا ڪليسيا جي لاءِ ڪيو،


اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو


تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو.


هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي گمراهہ نہ ڪري وجھي.


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ