Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان کان علاوہ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ هميشہ لاءِ اچي رهن تن کي ۽ سندن اولاد کي اوهين پنهنجي پنهنجي ورثي واري علائقي مان حصو ورهائي ڏجو. اهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل جي ٻين هم‌وطنن وانگر هوندا. اوهين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ انهن جو حصو پاڻ ۾ ڪڻا وجھي ميراث طور ورهائجو.


جيئن هڪڙي بدن جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو بدن ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.


سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.


هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.


اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي.


خدا پنهنجو هي راز مڪاشفي ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان.


ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.


تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو.


اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي.


تڏهن اها دائمي زندگي جنهن جو واعدو فرزند يعني عيسيٰ مسيح اسان سان ڪيو آهي، سا اوهان ۾ هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ