Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آڪاش جي هر هڪ آتمڪ آسيس سان مالا مال ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:3
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِ‌صدق کي ڏنو.


دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“


پوءِ دائود سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ سو انهن سڀني خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ ڪئي. پوءِ هنن جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ بادشاهہ جي تعظيم ڪئي.


هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي.


جڏهن بادشاهہ حزقياہ ۽ سندس عملدارن اچي اهو ڏٺو، تڏهن خداوند جي واکاڻ ڪيائون ۽ بني اسرائيل قوم کي دعا ڏنائون.


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


شال خداوند صيئون جبل تان اوهان کي برڪت عطا ڪري، هائو، اهو ئي خداوند جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.


انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو، جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ ’هي انهيءَ قوم وارا آهن، جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“


پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


جيئن هڪڙي بدن جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو بدن ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.


واکاڻ هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا ۽ پيءُ آهي. هو رحم وارو پيءُ ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ خدا آهي.


خداوند عيسيٰ جو پيءُ يعني خدا، جنهن جي شل هميشہ تائين واکاڻ هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون خلقيل آهي. پراڻي زندگي گذري ويئي، ڏسو، نئين زندگي شروع ٿي ويئي آهي.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


تنهنڪري جيڪي ايمان وارا آهن تن کي ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي، جيڪو خود ايمان وارو هو.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين.


عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري خدا اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ عرش عظيم تي ساڻس گڏ ويهاريائين.


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“ تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


تنهنڪري اهو ضروري هو تہ زمين تي مقدس خيمو ۽ ان جي عبادت واريون شيون جيڪي آسماني شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي قربانيءَ وسيلي پاڪ ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آسماني شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر قربانيءَ جي وسيلي پاڪ ڪيون وڃن.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن پنهنجي وڏي رحمت سان عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ