Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي.


”وقت اچي ڀريو آهي ۽ خدا جي بادشاهي ويجھي آئي آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“


ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


اهڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو خدا ڪليسيا جي لاءِ ڪيو،


اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.


اوهان ٻڌو هوندو تہ خدا اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي فضل جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي.


سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ خدا سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.


خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


دنيا جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن آخري زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ