8 ڀلي تہ اوهان جا ڪپڙا هميشہ اڇا اُجرا هجن ۽ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل هجي، جيئن اوهين ٺاهوڪا ڏسڻ ۾ اچو.
8 تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.
تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.
پوءِ سائول جو پوٽو مفيبوست بادشاهہ جي استقبال ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيو. جنهن ڏينهن بادشاهہ يروشلم کي ڇڏي نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي بادشاهہ جي وري سلامت موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين مفيبوست نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئي ۽ نہ وري پنهنجا ڪپڙا ئي ڌوتا هئائين.
تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.
تو منهنجي دشمنن آڏو مون لاءِ دسترخوان وڇايو آهي. تو مون کي معزز مهمان جيان مان ڏنو آهي، ۽ منهنجي پيالي کي ٽمٽار ڪيو اٿيئي.
انهيءَ سوڳ دوران مون نڪي دل گھريو طعام کاڌو، نہ گوشت يا مئي چپن تي رکيم ۽ نہ ئي وري ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين اهي ٽي هفتا پورا نہ ٿيا.
اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.
پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،
تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي.
انهيءَ ڪري خداوند عيسيٰ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“
آسمان جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا.
هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“
انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.
تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، خوشبوءِ لڳائي عمدا ڪپڙا پائي ڳاهہ واري پِڙ تي هلي وڃ. پر تيستائين تون پاڻ کي مٿس ظاهر نہ ڪج، جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.