Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري خوش رهو ۽ کائڻ پيئڻ مان مزا ماڻيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اڳي ئي اوهان جي انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي، جنهن سبب مون کيس پنهنجي زال ٿي بڻايو. هاڻي تنهنجي زال حاضر آهي، انهيءَ کي وٺي هتان هليو وڃ.“


آخري ڏينهن تي بادشاهہ سليمان ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ڪيو. سو اهي کيس دعائون ڪندا هليا ويا ۽ جيڪي ڀلايون خداوند پنهنجي ٻانهي دائود ۽ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل سان ڪيون تن جي ڪري هو دل ۾ بيحد خوش ۽ سرها هئا.


کائڻ جي دعوت ۾ ماڻهو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، ۽ مئي ماڻهوءَ کي سرور بخشي ٿي، پر پئسن کان سواءِ ڪابہ شيءِ خريد ڪري نہ ٿي سگھجي.


سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي.


ڏسو، مون ڄاڻي ورتو آهي تہ اهو ئي چڱو ۽ مناسب آهي جو ماڻهو کائي پيئي ۽ هن دنيا ۾ خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي ڪيل محنت جو چڱو ڦل پاڻ ماڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر آهي.


سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


تنهنڪري منهنجو مشورو اهو ئي آهي تہ اسين خوش رهون، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا ۾ انسان جي اختيار ۾ انهيءَ کان بهتر ڪا ڳالهہ ڪانهي تہ هو کائي، پيئي ۽ خوش رهي. جيئن انسان هن دنيا ۾ خدا جي طرفان عطا ڪيل حياتي گذاري ٿو، تيئن سندس محنت دوران هن لاءِ اهي ئي ڳالهيون ممڪن آهن.


تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ، تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن هن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانهن روانو ٿيو.


بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


جڏهن بوعز کائي پي بس ڪئي تڏهن هو سٺي مزاج ۾ هو. پوءِ هو اناج جي ٻار جي ڀرسان وڃي ستو. رُوت بہ آهستي آهستي اچي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي ئي ليٽي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ