Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


پوءِ جيتوڻيڪ سندس پٽ عزت حاصل ڪن ٿا، تڏهن بہ کيس انهيءَ جي خبر نہ ٿي پوي. يا جيتوڻيڪ هو ذلت حاصل ڪن ٿا، تڏهن بہ سندن حال کيس معلوم نہ ٿو ٿئي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


شال سندن گناهہ هر وقت خداوند جي نظر ۾ رهن، بلڪ هو هن ڌرتيءَ تان سندن يادگيريون ئي مِٽائي ڇڏي!


ڇاڪاڻ تہ موت جي دنيا ۾ ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي ياد ڪري. هائو، برزخ جي اندر ڪير آهي جيڪو تنهنجي واکاڻ ڪري؟


پر اي خداوند! آءٌ تو کي مدد جي لاءِ پيو پڪاريان ٿو، هر صبح منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي ٿي.


جيڪي گذري چڪا آهن، تن جي يادگيري نہ ٿي رهي، نڪي ڪنهن ايندڙ وقت ۾ انهن جي يادگيري رهندي جيڪي اسان کان پوءِ پيدا ٿيندا.


پر افسوس! ڏاهو هجي توڙي بي‌عقل سڀ مري ٿا وڃن ۽ جلد ئي ماڻهن جي دلين مان وسريو ٿا وڃن. ائين نہ ٿو ٿئي جو ڏاهي کي بي‌عقل کان وڌيڪ ياد ڪيو وڃي.


هائو، روئڻ پٽڻ واري گھر ۾ وڃڻ، شاديءَ جي دعوت واري گھر ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي آخرڪار مرڻو آهي. تنهنڪري جيڪي جيئرا آهن، تن کي انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي.


انهيءَ کان سواءِ مون ڏٺو آهي تہ بدڪار ماڻهو هيڪل ۾ ايندا ويندا ٿا رهن ۽ مرڻ کان پوءِ وڏي مان مرتبي سان دفن ڪيا ٿا وڃن، جڏهن تہ نيڪ ماڻهو بلڪل وساريا ٿا وڃن. اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


جيئن چوڻي آهي تہ ”جيئرو ڪتو مئل شينهن کان بهتر آهي،“ سو ساڳيءَ طرح جيستائين انسان هن دنيا ۾ زندهہ رهي ٿو تيستائين هن کي اهو آسرو آهي تہ


هاڻي اهي دشمن حڪمران مري کپي ويا آهن، ۽ وري جيئرا ڪين ٿيندا. هائو، اهي مئلن جي دنيا مان اُٿي ڪين ايندا، ڇاڪاڻ تہ تو کين سزا ڏيئي اهڙو ناس ڪري ڇڏيو آهي، جو سندن نالو نشان بہ هميشہ لاءِ مٽجي ويو آهي.


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها عورت بہ مري ويئي.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ