Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:18
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.


جهڙيءَ طرح چند مئل مکيون عطر جي پوريءَ بوتل کي بدبودار ڪريو ڇڏين، تهڙيءَ طرح ٿورڙي ئي بي‌عقلي سڄي ڏاهپ ۽ عزت کي خاڪ ۾ ملايو ڇڏي.


جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.


مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي‌عقليءَ کان ايترو تہ بهتر آهي، جيترو روشني اونداهيءَ کان.


جيتوڻيڪ ڏاهپ دولت وانگر انسان جي حفاظت بہ ڪري ٿي، تہ بہ ڏاهپ جي ڄاڻ رکڻ مان هميشہ وارو فائدو اهو آهي جو اها ڏاهن کي زندگي بخشي ٿي.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


تڏهن مون سمجھيو تہ ”ڏاهپ طاقت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ پر غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ کي ڪابہ اهميت نہ ٿي ڏني وڃي ۽ هن جي ڪنهن ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.


جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ايمان جي لحاظ کان رد ٿيل آهن.


جڏهن زارح جي گھراڻي مان عڪن خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ وارين شين جي باري ۾ نافرماني ڪئي هئي، تہ ڇا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي غضب نازل نہ ٿيو هو؟ رڳو عڪن ئي پنهنجي گناهہ جي ڪري تہ ناس نہ ٿيو هو.“


بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


۽ منجھائن اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌائون. هنن شهر جي دروازي کان وٺي پٿرن جي کاڻين تائين انهن جو پيڇو ڪيو ۽ لاهيءَ تائين کين ماريندا آيا. پوءِ تہ بني اسرائيل جو ساهہ ئي سڪي ويو.


ڪيڏو نہ وڌيڪ چڱو ٿئي ها جو جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجن دشمنن جي هٿ ڪيل لٽ جي مال مان کائي پئي ڍءُ ڪن ها، پوءِ ڇا هن وقت فلستين ۾ وڌيڪ وڏي خونريزي نہ ٿئي ها؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ