Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن مون سمجھيو تہ ”ڏاهپ طاقت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ پر غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ کي ڪابہ اهميت نہ ٿي ڏني وڃي ۽ هن جي ڪنهن ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن مون چيو تہ ڏاهپ زور کان بهتر آهي: انهي هوندي بہ غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ تي حقارت ظاهر ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ۽ هن جي ڳالهہ ڪوبہ ڪونہ ٿو ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي.


هڪڙو عقلمند ماڻهو فوج سان ڀريل شهر کي شڪست ڏيئي ٿو سگھي. هائو، هو سندن مضبوط قلعي کي ڪيرائي مٿن قبضو ڪري ٿو سگھي.


ڏاهو ماڻهو ئي ڪامياب ٿئي ٿو، بلڪ ڄاڻ وارو ماڻهو ڏاهپ جي ڪري وڌندو رهي ٿو.


آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.


جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.


جيتوڻيڪ ڏاهپ دولت وانگر انسان جي حفاظت بہ ڪري ٿي، تہ بہ ڏاهپ جي ڄاڻ رکڻ مان هميشہ وارو فائدو اهو آهي جو اها ڏاهن کي زندگي بخشي ٿي.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ