Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن دنيا ۾ مون ڏاهپ جو هڪڙو واقعو ڏٺو، جيڪو مون لاءِ تمام وڏي اهميت وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 مون سج هيٺان ڏاهپ بہ انهي طرح ڏٺي، ۽ اُها مون کي وڏي ڏسڻ ۾ آئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها عورت پنهنجي سياڻپ واري صلاح سڀني ماڻهن وٽ کڻي ويئي ۽ هنن سبع جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اڇلائي ڏني. تڏهن يوآب نفيل وڄرائي ۽ سندس سڀيئي ماڻهو شهر وٽان ٽڙي پکڙي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ لڳا. پوءِ يوآب بہ موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ آيو.


مون هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي خرابي ڏٺي آهي، جيڪا اڪثر انسانن لاءِ هڪڙو ٻوجھہ آهي.


اهو سڀ ڪجھہ مون پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ دوران ڏٺو آهي. مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ ڪيترائي نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪن ٿا، پر پوءِ بہ مري چٽ ٿي ٿا وڃن. جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندي وڏي عمر تائين جيئرا ٿا رهن.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.


مون ڏٺو تہ هڪڙو ننڍڙو شهر هو، جنهن ۾ ڪي ٿورا ماڻهو رهندا هئا. انهيءَ شهر تي هڪڙو طاقتور بادشاهہ چڙهائي ڪري آيو ۽ اچي شهر جو گھيرو ڪيائين. هن شهر جي ڀتين تان ٽپڻ لاءِ انهن جي سامهون وڏا دمدما ٻڌا.


تڏهن دانيال نهايت سمجھہ ۽ سياڻپ سان شاهي پهريدارن جي سالار اريوڪ سان ڳالهايو، جيڪو بابل جي عالمن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ