Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:11
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هو چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ يهوسفط! ۽ اي يروشلم وارو، بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين بلڪل نہ ڊڄو، نڪي هن وڏي لشڪر کي ڏسي گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست اوهان جي هٿ ۾ نہ، پر منهنجي هٿ ۾ ئي آهي.


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو.


هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،


ڪوبہ بادشاهہ رڳو اهڙو ڪجھہ ڪري سگھي ٿو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ٻيا بادشاهہ ڪري چڪا آهن. سو مون جاچيو تہ متان ڏاهپ ۽ بي‌عقليءَ جي ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڪو فائدو هجي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا جيڪي بہ ڪري ٿو، سو هميشہ ٿيندو رهندو. انهيءَ ۾ ڪابہ گھٽ وڌائي ٿي نہ ٿي سگھي. خدا هي سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ ڪيو آهي تہ اسين انسان سندس تعظيم ڪندا رهون.


پر مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ خدا نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جو انصاف ڪندو، ڇاڪاڻ تہ مون ڏٺو آهي تہ مناسب وقت تي هر شيءِ ۽ هر ڪم ٿيندو رهي ٿو.


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


خدا جي ڪمن تي غور ويچار ڪريو. جنهن شيءِ کي هن ڏنگو بڻايو آهي، تنهن کي ڪير سڌو ڪري ٿو سگھي؟


بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


جيڪي ڀڄڻ ۾ تکا آهن سي ڀڄڻ کان قاصر آهن، بهادر بہ بچي نڪرڻ جي سگھہ کان محروم آهن. اتر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو ٿاٻڙبا ڪرندا ٿا وڃن.


اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي پنهنجيءَ طاقت ۽ پنهنجي هٿن جي زور جي وسيلي ئي هيءَ دولت حاصل ٿي آهي.‘


پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ