Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو حال اهو هو جو ڏينهن جو اُس تہ رات جو پاري مون کي کاڌو ۽ منهنجي اکين مان ننڊ بہ اڏامي ويئي.


سو اوهين جيڪي سخت پورهيو ڪري رزق حاصل ڪرڻ لاءِ، صبح جو سوير اُٿو ٿا ۽ رات جو دير سان ٿا سُمهو، اهو اوهان لاءِ بي‌فائدي آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي پيارن کي ننڊ ۾ بہ عطا ڪري ٿو.


منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.


مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


انسان جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل آهي ۽ سندس محنت هڪ عذاب آهي. ايتري قدر جو رات جو بہ سندس خيال کيس آرام ڪرڻ نہ ٿا ڏين. اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي.


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


سخت پورهيو ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ سڪون واري ٿئي ٿي، توڙي جو انهيءَ کي کائڻ لاءِ ٿورو ڪجھہ ئي ڇو نہ ملي. پر دولتمند کي دولت جي گھڻائي آرام واري ننڊ سمهڻ نہ ٿي ڏئي.


تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.


انسان نہ ٿو ڄاڻي تہ آئيندہ ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو. نہ ئي ڪو ٻيو کيس انهيءَ باري ۾ ٻڌائي ٿو سگھي.


هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجھہ مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو اٿم. هن دنيا ۾ هڪڙا ظالم ماڻهو ٻين جي مٿان اهڙيءَ طرح حڪمراني ٿا ڪن جو اهي ٻيا سندن ظلم هيٺ پيا پيڙجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ