Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 غمگين رهڻ، کلندو رهڻ کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ غمگيني انسان کي وڌيڪ سنجيدہ ۽ پختو ٿي بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڏک، کل کان بهتر آهي، ڇالاءِ جو شڪل جي اُداسيءَ ڪري دل سڌري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.


منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.


مون پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو تہ آءٌ پنهنجي جسم کي مئي پيئڻ وسيلي خوش رکان. مون ايتري مئي پيتي جو بي‌هوش ٿي ويس. مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو، تہ جيئن ڏاهپ جي وسيلي آءٌ جاچ ڪري ڏسان تہ هن ڌرتيءَ تي بني آدم جي ٿورڙي حياتيءَ دوران اهو ڪم ڪرڻ فائدي وارو آهي يا نہ. پر مون سهي ڪري ورتو تہ کلڻ ۽ خوشي ملهائڻ وسيلي زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ چريائپ آهي.


جيڪو ماڻهو هميشہ خوشين بابت ٿو سوچي، سو بي‌وقوف آهي. جڏهن تہ عقلمند ماڻهو اهو آهي جيڪو موت بابت ٿو سوچي.


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي ڍاول آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي کِلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ