Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:25
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.


تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي اهڙي ڪم لاءِ زور نہ ڀر، جيڪو بني اسرائيل ۾ ٿيڻ نہ گھرجي. اهڙي بي‌حيائي نہ ڪر.


جنهن رڇڻيءَ جا ٻچا چورايا ويا هجن سا خطرناڪ ٿئي ٿي، مگر تنهن کان وڌيڪ خطرناڪ اهو بي‌عقل ماڻهو آهي، جيڪو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ٿو ڪري.


جيڪو بي‌وقوف ماڻهو بار بار بي‌وقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي.


بي‌عقل ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ شروع کان آخر تائين بي‌وقوفيءَ سان ڀريل آهي، ۽ آخرڪار انهيءَ بڪواس جي ڪري سندس چريائپ ظاهر ٿئي ٿي.


ڪوبہ بادشاهہ رڳو اهڙو ڪجھہ ڪري سگھي ٿو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ٻيا بادشاهہ ڪري چڪا آهن. سو مون جاچيو تہ متان ڏاهپ ۽ بي‌عقليءَ جي ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڪو فائدو هجي.


تڏهن مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ جيڪڏهن بي‌عقلن وانگر مون کي بہ موت ملندو تہ پوءِ ڏاهپ ڇو حاصل ڪريان؟ زندگيءَ جي ڳجھارت ڀڃڻ لاءِ اهڙي ڪوشش فضول آهي.


هائو، تڏهن آءٌ سوچ ويچار ڪري پنهنجي انهيءَ ڪيل سموري محنت کان نااميد ٿي ويس.


ڏسو، مون پنهنجي پوري ڏاهپ سان زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون جاچي ڏٺيون تہ آخرڪار زندگيءَ جو اصل مقصد ڇا آهي.


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ