24 زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ڪير آهي جيڪو انهيءَ حقيقت کي سمجھي سگھي؟
24 جيڪا شيءِ تمام پري آهي، ۽ تمام اونهي آهي، سا ڪير لهي سگهندو؟
تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“
بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.
مون بابت تنهنجو ايڏو علم مون لاءِ نهايت عجيب آهي. هائو، اهو بلند وَ بالا آهي جنهن تائين آءٌ پهچي نہ ٿو سگھان.
تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.
هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.
واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!
رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.