22 جڏهن تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان پاڻ بہ ڪيترائي دفعا ٻين جي بيعزتي ڪري چڪا آهيو.
22 ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي.
بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.
ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪندا پيا وتن، تن سڀني ڏانهن بہ اوهين ڌيان نہ ڏيو. ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پنهنجي نوڪر واتان اوهان جي باري ۾ بيعزتيءَ وارا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن.
انهن سڀني ڳالهين کي مون ڏاهپ سان پرکيو. منهنجو ارادو هو تہ آءٌ هنن ڳالهين بابت وڌيڪ ڄاڻ رکان، پر انهن کي پرکڻ منهنجي وس کان مٿاهون هو.
هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.
جنهن زبان سان اسين خداوند پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن.