انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بيشرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“