Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 7:14
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘


پر ايوب چيس تہ ”اي بي‌وقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.


منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.


ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.


بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي.


سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


تنهنڪري مون تہ اهو ئي ڄاتو آهي تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجي ڪمن ۾ خوش رهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر ٿيل آهي. انسان کي اهو موقعو ئي نہ ٿو ملي جنهن مان هو ڄاڻي سگھي تہ سندس موت کان پوءِ ڇا ٿيندو.


روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،


ان کان علاوہ انسان پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ موت ئي موت ڏسي ٿو ۽ کيس زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي مصيبتون، ڏک ۽ جھيڙا سهڻا پون ٿا.


انسان نہ ٿو ڄاڻي تہ آئيندہ ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو. نہ ئي ڪو ٻيو کيس انهيءَ باري ۾ ٻڌائي ٿو سگھي.


تنهنڪري خوش رهو ۽ کائڻ پيئڻ مان مزا ماڻيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اڳي ئي اوهان جي انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي آهي.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.


نيڪي هجي توڙي بدي، سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


پوءِ اوهين، لاوي ۽ جيڪو ڌاريو اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي انهن نعمتن لاءِ خوشيون ملهائجو جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ۽ اوهان جي گھراڻي کي عطا ڪيون آهن.“


جيئن تہ هر شيءِ جي گھڻائيءَ هوندي بہ اوهان خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري نہ ڪئي،


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي دعا گھرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي واکاڻ جا گيت ڳائڻ گھرجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ