Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهڙيءَ حالت ۾ عقلمند ماڻهو بي‌وقوف کان ڪهڙي ڳالهہ ۾ وڌيڪ آهي؟ يا اهو غريب ماڻهو جيڪو زندگي گذارڻ ڄاڻي ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو ڏاهي کي بي عقل کان وڌيڪ ڪهڙو فائدو آهي؟ يا انهي غريب ماڻهوءَ وٽ ٻيو ڇا آهي، جو جيئرن جي اڳيان هلي ٿو ڄاڻي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 6:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس.


سو هاڻ آءٌ خداوند جي حضور ۾، جيئرن جي هن دنيا اندر هلندو رهندس.


ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي.


جڏهن ڪنهن وٽ مال جي گھڻائي ٿئي ٿي، تڏهن انهيءَ کي کائڻ وارا بہ گھڻا ئي ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهيءَ ملڪيت جي مالڪ کي سواءِ اکين جي ڍءَ جي ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟


هڪ چوڻي آهي تہ ”جيڪو هٿ ۾ موجود آهي، سو ڪنهن وڌيڪ شيءِ جي تمنا ڪرڻ کان بهتر آهي.“ پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان اطمينان نہ ٿو ملي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ