Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 دولتمند ماڻهو ڀلي تہ ٻن هزار سالن تائين جيئرو رهي تنهن هوندي بہ زندگيءَ جا مزا نہ ماڻي، تہ پوءِ اهڙي ڊگھي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ آخرڪار سڀيئي تہ وڃي قبر ۾ ٿا پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هائو، جيتوڻيڪ اهو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئي، تہ بہ هن ڪا خوشي نہ ڏٺي: سڀيئي هڪڙي هنڌ نٿا وڃن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 6:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


آءٌ خدا کي ياد ٿو ڏياريان تہ منهنجي زندگي تہ رڳو ڦوڪ مثل آهي، ۽ منهنجيون اکيون وري خوشي ڪين ڏسنديون.


اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ آهي، جيڪو حياتيءَ جي خواهش نہ رکندو هجي. هائو، هر ڪو ماڻهو وڏي عمر ٿو چاهي، تان‌تہ هو پنهنجي حياتيءَ جو مزو ماڻي سگھي.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


ڏاها ماڻهو چڱيءَ طرح ڏسي ٿا سگھن تہ هو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. مگر بي‌عقل ماڻهو انهن شخصن وانگر آهن جيڪي اونداهيءَ ۾ هلندي ٿاٻڙجي ٿا پون. تنهن هوندي بہ مون ڄاتو تہ ڏاهو هجي توڙي بي‌عقل، پڄاڻي ٻنهي جي هڪڙي ئي ٿئي ٿي.


هر جاندار مخلوق هڪڙي ئي هنڌ وڃي ٿي، سڀيئي مٽيءَ مان بڻايا ويا آهن ۽ سڀني کي وري مٽيءَ سان ئي وڃي ملڻو آهي.


مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.


بيشڪ هو زندگيءَ جي تجربن مان نہ ٿو گذري، نڪي هو زندگيءَ بابت ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن هوندي بہ هن جي حالت ڪنهن دولتمند جي زندگيءَ کان وڌيڪ آرام واري آهي.


هائو، روئڻ پٽڻ واري گھر ۾ وڃڻ، شاديءَ جي دعوت واري گھر ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي آخرڪار مرڻو آهي. تنهنڪري جيڪي جيئرا آهن، تن کي انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي.


بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.


اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.


ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.


اهي انهيءَ سڪل ٻوٽي وانگر ٿيندا، جيڪو برپٽ ۾ هوندو آهي. اهي بيابان جي سڪل ٺوٺ هنڌن ۾، ڪلراٺي ۽ ويران زمين ۾ ئي رهندا. هائو، اهي ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندا.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ