Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين جيڪڏهن ڪو واعدو ڪريو ۽ وري اهو پورو نہ ڪريو، تنهن کان بهتر اهو آهي تہ اوهين ڪو واعدو ئي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 بهتر ائين آهي تہ اصل تون ڪا مڃتا نہ مڃين، جو مڃين ۽ پوري نہ ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.


پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ