Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ان کان علاوہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جيڪا مال ملڪيت عطا ڪئي آهي تنهن بابت کيس اختيار ڏنو آهي تہ جيڪو هن لاءِ مقرر آهي تنهن مان کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت مان پاڻ مزا ماڻي. اها ئي خدا جي طرفان هن لاءِ نعمت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 سڀڪو ماڻهو جنهن کي خدا مال ۽ دولت ڏني آهي، ۽ انهي مان کائڻ جو، ۽ پنهنجي حصي وٺڻ جو، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ خوش رهڻ جو کيس اختيار ڏنو آهي؛ اها خدا جي بخشش آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان سواءِ جيڪي تو نہ گھريو آهي سو بہ آءٌ تو کي ڏيان ٿو، يعني دولت ۽ عزت، انهيءَ ڪري تہ تنهنجي هوندي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ تو جهڙو نہ هجي.


سو ڏاهپ ۽ علم تہ آءٌ تو کي عطا ڪريان ٿو، بلڪ انهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ تو کي مال، دولت ۽ عزت اهڙي عطا ڪندس جهڙي نہ تو کان اڳي وارن بادشاهن مان ڪنهن کي ملي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.“


اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هر ڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت جو ڦل پاڻ حاصل ڪري. اها ئي خدا جي طرفان اسان لاءِ نعمت آهي.


اها هيءَ آهي تہ ڪن ماڻهن کي خدا مال، دولت ۽ عزت عطا ڪئي آهي، ايتري قدر جو وٽن اهڙي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانهي جيڪا سندن دل گھري. انهيءَ هوندي بہ خدا کين اها توفيق نہ ٿو ڏئي تہ هو انهيءَ مان مزو ماڻين، بلڪ ڪي ٻيا ماڻهو انهيءَ مان کائي پئي عيش ٿا ڪن. اها بہ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهہ آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي.


پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ