واعظ 5:14 - Muslim Sindhi Bible14 پر پوءِ سندن اها دولت ڪنهن غلط فيصلي جي ڪري برباد ٿيو وڃي. ٻيو هي تہ جڏهن ڪو ٻار ڄمي ٿو تہ اهو خالي هٿين هن دنيا ۾ اچي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ اها دولت ڪنهن خراب اتفاق سان ناس ٿي وڃي ٿي؛ ۽ جي انهي ماڻهو کي ڪو پٽ ڄمي ٿو تہ انهي جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نٿو رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.