Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 دولت سان پيار ڪندڙ کي دولت مان ڍءُ نہ ٿيندو. هائو، گھڻي دولت جو حرص رکندڙ انهيءَ مان ڍاپجي نہ سگھندو. تہ پوءِ انهيءَ مان بہ اصل مقصد تہ حاصل نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جيڪو چانديءَ کي پيار ٿو ڪري سو چانديءَ مان نہ ڍاپندو؛ نڪي جيڪو گهڻي انداز کي پيار ٿو ڪري سو زيادہ پيدائش مان ڍاپندو؛ اها بہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 5:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.


”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“


اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


سڀ شيون لڳاتار ساڳيو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. انسان ڳالهائڻ سان انهن بابت سمجھاڻي نہ ٿو ڏيئي سگھي، ۽ ڏسڻ سان هو انهن جو مطلب نہ ٿو سمجھي سگھي، نڪي ٻڌڻ سان مطمئن ٿي ٿو سگھي.


پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي.


هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ڪجھہ انسان سان ٿي گذري ٿو سو ئي جانورن سان بہ ٿئي ٿو. ٻنهي سان هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون. انسان بہ جانورن وانگر ساهہ کڻن ٿا ۽ مري ٿا وڃن. سو انسان حيوان کان وڌيڪ ناهي. بيشڪ اهو راز سمجھڻ ممڪن ناهي.


پر جيڪي بي‌شمار ماڻهو هن کان اڳ ۾ گذري ويا، يا وري ايندڙ پيڙهيون جيڪي هن کان پوءِ رهنديون، تن سڀني جي نظر ۾ هن جو ڪو قدر ڪونہ هوندو. يقيناً اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي ۽ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


پر جيڪڏهن ملڪ جي سڀني ٻنين تي بادشاهہ جي اختياري آهي تہ پوءِ انهيءَ مان سڀني کي فائدو ملي سگھي ٿو.


جيتوڻيڪ انسان سڄي محنت پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري، تنهن هوندي بہ انهيءَ جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي.


”اوهين هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا.


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ