Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هر جاندار مخلوق هڪڙي ئي هنڌ وڃي ٿي، سڀيئي مٽيءَ مان بڻايا ويا آهن ۽ سڀني کي وري مٽيءَ سان ئي وڃي ملڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 سڀ هڪڙي هنڌ وڃن ٿا؛ سڀ مٽيءَ مان آهن، ۽ سڀ وري بہ مٽيءَ ۾ ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 3:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسماعيل هڪ سؤ ستٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وڃي پنهنجن سان گڏيو.


تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.


تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟


جيڪڏهن ائين ممڪن آهي، جو ماڻهو مري وڃڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿئي، تہ پوءِ آءٌ پنهنجي سخت پورهئي واري حياتي گذاريندي، ان جو انتظار ڪندو رهندس، تان‌تہ آءٌ انهيءَ سختيءَ مان ڇٽي نڪران.


مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي.


پر حقيقت ۾ اهڙي ماڻهوءَ تي ڪڏهن بہ هٿ نہ کڻبو آهي، جيڪو مصيبت ۾ ڦاٿل هجي ۽ مدد لاءِ پڪاريندو هجي.


تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هر جسم فنا ٿي وڃي، ۽ انسان سان گڏ پوري دنيا موٽي وڃي مٽيءَ ۾ ملي.


جيئن ڪو ڪڪر لنگھي گم ٿيو وڃي، تيئن قبر ۾ لهي وڃڻ وارو وري مٿي نہ ٿو اچي.


هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون.


پر جڏهن تون کانئن منهن موڙين ٿو، تڏهن اهي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏهن انهن جو ساهہ ڪڍين ٿو، تڏهن اهي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن.


جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


پوءِ ڪنهن ڏٺو آهي تہ انسان جو روح مٿي چڙهي ٿو وڃي ۽ جانورن جو روح هيٺ ڌرتيءَ ۾ لهي ٿو وڃي؟


دولتمند ماڻهو ڀلي تہ ٻن هزار سالن تائين جيئرو رهي تنهن هوندي بہ زندگيءَ جا مزا نہ ماڻي، تہ پوءِ اهڙي ڊگھي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ آخرڪار سڀيئي تہ وڃي قبر ۾ ٿا پون.


هائو، روئڻ پٽڻ واري گھر ۾ وڃڻ، شاديءَ جي دعوت واري گھر ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي آخرڪار مرڻو آهي. تنهنڪري جيڪي جيئرا آهن، تن کي انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ