Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي خبر تہ اهي منهنجا وارث ڏاها هوندا يا بي‌عقل؟ انهيءَ هوندي بہ جيڪي مون هن دنيا ۾ سخت محنت ۽ ڏاهپ سان حاصل ڪيو آهي تنهن جا اهي مالڪ بڻجي ويندا. تہ پوءِ اهو زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ ڪنهن کي خبر تہ اهو ڏاهو هوندو يا بي عقل؟ انهي هوندي بہ منهنجو سڄو پورهيو جو محنت سان ڪيو اٿم، ۽ جنهن ۾ مون سج هيٺان ڏاهپ ڏيکاري آهي، سو انهيءَ جي اختيار ۾ رهندو. اها بہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن بعد هو وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان ستو ۽ کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس تخت تي ويٺو.


رحبعام پنهنجي پيءُ جي صلاحڪارن جي صلاح کي رد ڪندي انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو.


پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي.


هائو، تڏهن آءٌ سوچ ويچار ڪري پنهنجي انهيءَ ڪيل سموري محنت کان نااميد ٿي ويس.


تنهنڪري مون تہ اهو ئي ڄاتو آهي تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجي ڪمن ۾ خوش رهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر ٿيل آهي. انسان کي اهو موقعو ئي نہ ٿو ملي جنهن مان هو ڄاڻي سگھي تہ سندس موت کان پوءِ ڇا ٿيندو.


هن دنيا ۾ مون ڏاهپ جو هڪڙو واقعو ڏٺو، جيڪو مون لاءِ تمام وڏي اهميت وارو هو.


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ