Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي‌عقليءَ کان ايترو تہ بهتر آهي، جيترو روشني اونداهيءَ کان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 2:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجو فرمان منهنجي راهہ جو ڏيئو آهي هائو، اهو منهنجيءَ واٽ لاءِ سوجھرو آهي.


تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.


عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.


ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.


جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.


بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


تڏهن مون سمجھيو تہ ”ڏاهپ طاقت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ پر غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ کي ڪابہ اهميت نہ ٿي ڏني وڃي ۽ هن جي ڪنهن ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.


ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ