Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 واعظ ٿو چوي تہ اها بيهودگين جي بيهودگي آهي؛ سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


هي ڳالهيون دائود جي پٽ جون چيل آهن، جيڪو يروشلم جو بادشاهہ هو ۽ وڏو داناءُ هو.


مون اهي دانائيءَ واريون ڳالهيون يروشلم شهر ۾ بني اسرائيل جي بادشاهہ طور رهندي چيون آهن.


مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


هو دانائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


هن دنيا ۾ جيڪو بہ ڪم ڪيو ٿو وڃي سو منهنجي نظر ۾ ڏک رسائيندڙ آهي. انهيءَ ڪري مون کي زندگيءَ کان نفرت ٿي ويئي آهي. انهيءَ سبب جو زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟


اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ