7 اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.
7 ۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.
ابراهيم وري ڳالهايو ۽ چيائين تہ ”اي مالڪ! مون کي تو سان همت ڪري ڳالهائڻ جي معافي ملي. آءٌ تہ رڳو مٽي ۽ رک آهيان.
پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.
تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“
جيتوڻيڪ انهن شريرن جو بدن اڃا جوان ۽ مضبوط هوندو، تنهن هوندي بہ هو جلد ئي وڃي مٽيءَ سان مٽي ٿيندا.
ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“
هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون.
پر جڏهن تون کانئن منهن موڙين ٿو، تڏهن اهي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏهن انهن جو ساهہ ڪڍين ٿو، تڏهن اهي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن.
جڏهن سندن ساهہ نڪري ٿو تڏهن وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن، ۽ انهيءَ دم سندن سڀيئي منصوبا فنا ٿي وڃن ٿا.
انهن ماڻهن کان مون کي نفرت آهي، جيڪي ڪُوڙن معبودن کي مڃين ٿا، پر اي خداوند! منهنجي توڪل رڳو تو تي آهي.
تون ئي تہ انسان کي وري مٽيءَ ۾ ملائين ٿو، جو حڪم ٿو ڪرينس تہ ”اي بني آدم! تون مٽيءَ ۾ موٽي وڃ.“
آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.
پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“
جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.
بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ
پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“
”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر،
۽ عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنهنجو روح تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين.
پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منهنجو روح قبول ڪر.“
اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو.
ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟