Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يعقوب چيو تہ ”منهنجو پٽ اوهان سان اوڏانهن نہ هلندو. هن جو ڀاءُ مري ويو آهي ۽ هو اڪيلو وڃي بچيو آهي. جيڪڏهن رستي ۾ هن تي ڪا آفت اچي پيئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي غم ۾ قبر داخل ڪندا.“


جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪندا.‘


گھڻا ئي اڇي مٿي وارا اسان جهڙي سوچ رکن ٿا، جن ۾ اهڙا پوڙها بہ آهن، جيڪي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.


مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان.


ڊگھي ڄمار سچارن جو اجر آهي. هائو، اڇو مٿو عزت ۽ عظمت وارو تاج آهي.


نوجوان پنهنجي جوانيءَ تي ناز ٿا ڪن، مگر ڏاهپ وارا اڇا وار اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت آهن.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس، هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس. مون اوهان کي خلقيو آهي، سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.


پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ