Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 12:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي منهنجا ٻارؤ! هڪ ٻي بہ ڳالهہ آهي جنهن بابت آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. اها هيءَ آهي تہ نصيحتن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم بي‌انتها آهي. سو جيڪڏهن ڏاهپ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا تہ اوهين پڙهندي پڙهندي ٿڪجي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 12:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ٽي هزار چوڻيون چيون ۽ سندس راڳن جو تعداد هڪ هزار پنج هو.


انهيءَ سبب جو جيتري وڌيڪ ڏاهپ، اوترا ئي وڌيڪ ڏک ڏسڻا پون ٿا. هائو، جنهن کي وڌيڪ ڄاڻ هوندي، تنهن کي ڏک بہ وڌيڪ ملندا.


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي عيسيٰ ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ها.


اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ